اسلام آباد – 15 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ بوسنيا هرزيگووينا جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو ٻيون دور اسلام آباد ۾ ٿيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (يورپ) شفقت علي خان پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئي جڏهن ته بوسنيا جي وفد جي قيادت پرڏيهي وزارت جي سيڪريٽ??ي جنرل ايڊن دلبرووچ ڪئي. ڌرين اعليٰ اعتماد ۽ گڏيل افهام تفهيم جي ماحول ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي سموري دائري ??و ٺوس جائزو ورت??. ه??ن سياسي، واپاري، اقتصادي، سماجي، انساني بنيادن تي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لا??ِ گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ اهم علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئ??. ايڊن دلبرووچ پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ سان پڻ ملاقات پڻ ڪئي. پرڏيهي سيڪريٽري گڏيل لاڀائتي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.