اسلام آباد – 14 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ روس افغانستا?? سان لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ پرامن ۽ خوشحال افغانستان جي لاءِ علائقائي ملڪن جي وچ ۾ تعا??ن وڌائڻ تي زور ڏنو ۽ ان مقصد جي لاءِ رابطا جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي وزارت جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ان سلسلي ۾ افغانستان بابت روسي فيڊريشن جي صدر جي خصوصي نمائندي ضمير ڪابلوف جو هڪ ڏينهن دورو ڪيو ۽ پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري (افغانستان ۽ اولهه ايشيا) سفير احمد نسيم وڙائ?? سان پرڏيهي وزارت ۾ ملاقاتون ڪيون. هن پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلو?? سان ملاقات ڪئي ۽ بعد ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري (افغانستان ۽ اولهه ايشيا) سفير احمد نسيم وڙائ?? سان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڌرين ا??غانستا?? سان لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ پرامن ۽ خوشحال افغانستان جي لاءِ علائقائي ملڪن جي وچ ۾ تعا??ن وڌائڻ تي زور ڏنو. ڌرين ا?? مقد جي لاءِ رابطا جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.