اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ابوظهبي پورٽس ڪمپني جي وچ ۾ ڪالهه جمعي ڏينهن ريلوي، ڪسٽمز، ايئرپورٽ انفراسٽرڪچر ۽ سامونڊي معاملا شپنگ سميت مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون جي لاءِ مفاهمت جي 4 يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون. وزيراعظم هائوس ۾ مفاهمتي ??ادداشتن تي صحيحن جي لاءِ پروقار تقريب ٿي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ايم او يوز تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشر??ات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، دفاع ۽ هوابازي وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، سامونڊي معاملن وارو وفاقي وزير قيصر احمد شيخ، وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي جڏهن ته گڏيل عرب امارات جو پرڏيهي ۽ واپار وارو مملڪتي ??زير ڊاڪٽر ثاني بن احمد الزويدي، ڪاهلي گروپ جو چيئرمين احمد دلموڪ المڪتوم، مئنيجنگ ڊائريڪٽر ۽ گروپ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ابوظهبي پورٽس گروپ ڪيپٽن محمد الشميسي، پاڪستان ۾ گڏيل عرب امارات جو سفير عبيد ابراهيم سالم الزابي ۽ ابوظهبي پورٽس جا سينيئر عملدار پڻ موجود هئا. ڪوهاٽ – ٿر – کرلاچي ريلوي لائين جي تعمير جي لاءِ پاڪستان ريلويز ۽ ابوظهبي پورٽس ڪمپني جي وچ ۾ مفاهمتي ??ادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون جنهن تي ??اڪستان پاران پاڪستان ريلويز جي سي اي او عامر علي بلوچ جڏهن ته مئنيجنگ ڊائريڪٽر ۽ گروپ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ابوظهبي پورٽس گروپ ڪيپٽن محمد الشميسي صحيحون ڪيون. پاڪستان ڪسٽمز جي اوڳاڙين ۾ اضافي، ٽرانزٽ ڪارگو جي ٽريڪنگ ۽ ٻين سڌارن جي لاءِ ايف بي آر ۽ ابوظهبي پورٽس ڪمپني جي وچ ۾ مفاهمتي ??ادداشت تي ??اڪستان پاران ميمبر ڪسٽمز اينڊ آپريشنز محمد جنيد جليل خان جڏهن ته ابوظهبي پورٽس گروپ پاران ڪيپٽن محمد الشميسي صحيحون ڪيون. شپنگ، ڊريجنگ ۽ ٻين سامونڊي معاملن ۾ تعاون تي ??اڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ۽ ابوظهبي پورٽس ڪمپني جي وچ ۾ مفاهمتي ??ادداشت تي ??اڪستان پاران ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن خرم مرزا جڏهن ته ابوظهبي پورٽس ڪمپني پاران ڪيپٽن محمد الشميسي صحيحون ڪيون. پاڪستان ۾ ايئرپورٽس جي تعمير ۽ توسيع جي لاءِ پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي ۽ ابوظهبي پورٽس ڪمپني جي وچ ۾ مفاهمتي ??ادداشت پاڪستان پاران ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل پاڪستان ايئرپورٽ اٿارٽي صادق الرحمان جڏهن ته ابوظهبي پورٽس ڪمپني پاران ڪيپٽن محمد الشميسي صحيحون ڪيون. بعد ۾ پاڪستان ۽ ابوظهبي ڪمپني جي وچ ۾ طئي ٿيندڙ مفاهمت جي يادداشتن جي ڏي وٺ پڻ ڪئي وئي.