رياض – 11 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم ??حم?? شهباز شريف عرب – اسلامڪ ملڪ?? جي غيرمعمولي س??بر??هي اجلاس ۾ شرڪت کانپوءِ رياض کان باڪو جي لاءِ روانو ٿي ويو. پنهنجي ٽن ڏينه?? جي آذربائيجا?? جي دوري دوران وزيراعظم باڪو ۾ ڪانفرنس آف پارٽيز جي 29هين (ڪوپ 29) ڪلائميٽ ايڪشن س??بر??هي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب رياض جي انٽرنيشنل رائل ??رمينل تي پاڪستان ۾ مقرر سعودي سفير نواف سعيد المالڪي، سعودي عرب ۾ مقرر پاڪستاني سفير احمد فاروق ۽ ٻئي سفارتي عملي وزيراعظم کي رخصت ڪيو. دنيا ۾ ماحولياتي آلودگي کي گهٽ ڪرڻ ۽ موسمياتي تبديلي جي مضر اثرن ۾ ورتل ملڪ?? جي مشڪلاتن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ منعقد ان اجلاس ۾ وزيراعظم پاڪستا?? جي نمائندگي ڪندو ۽ پاڪستان کي موسمياتي تبديلي جي خطرن تي روشني وجهندو. وزيراعظم ڪوپ 29 جي عالمي اڳواڻ?? جي ڪلائميٽ ايڪشن س??بر??هي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم ڪوپ 29 جي س??بر??هي اجلاس کي خطاب پڻ ڪندو. وزيراعظم پاڪستان پاران منعقد ڪلائميٽ فنانس گول ميز ڪانفرنس جي ميزباني ڪندو جنهن ۾ ڪيترائي عالمي اڳواڻ شرڪت ڪندا. وزيراعظم ان سان گڏوگڏ تاجڪ صدر امام علي رحمان پاران گليشيئرز جي تحفظ جي لاءِ منعقد اعليٰ سطحي تقريب ”گليشيئرز 2025ع: گليشيئرز جي لاءِ قدم“ ۾ پڻ شرڪت ڪندو. وزيراعظم ??حم?? شهباز شريف گڏيل قوم?? جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس پاران وڌندڙ عالمي گرمي پد تي منعقد اعليٰ سطحي تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ سان گڏوگڏ آذربائيجا?? جي صدر پاران عالمي اڳواڻ?? جي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي ۾ پڻ شرڪت ڪندو. وزيراعظم ڪوپ 29 ۾ شرڪت جي لاءِ آيل عالمي اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاوتن پڻ ڪندو جتي نه رڳو گڏيل لاڳاپ?? جي فروغ تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي پر وزيراعظم پاڪستان کي موسمياتي تبديلي سبب خطرن تي پڻ روشني وجهندو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ خاص معاون طارق فاطمي وزيراعظم سان گڏ آهن.