اسلام آباد – 25 – نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم سينيٽر محمد ??سح??ق ڊار چيو آهي ته تحريڪ انصاف بار بار احتجاج جو سڏ اهڙي وقت ۽ انهن ڏينهن تي ڏئي ڇو ٿي جڏهن اهم عالمي شخصيتون پاڪستان اچي رهيون هُونديُون آهن. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب محمد ??سح??ق ڊار چيو ته پي ٽي آءِ جو سياسي احتجاج، ملڪ جي عزت ۽ وقار سان سوچيل سمجهيل سازش ۽ راند آهي. نائب وزيراعظم چيو ته ڀلي اهو 14 آڪ??وبر تي چ??ني وزيراعظم جو دورو هجي، 15 ۽ 16 آڪ??وبر تي ايس سي او سمٽ جي لاءِ ملڪي سربراهن جي آمد هجي يا بيلاروس جي صد?? جو پاڪستان جو دورو جنهن جي لاءِ سندس وزير ۽ اهم ڪاروباري شخصيتون اسلام آباد پهچي ويون آهن. هن چيو ته خدارا پنهنجي گندي سياست کي پاڪستان تي اهميت نه ڏيو.