اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان فلسطيني عوام جي آزادي ۽ خودمختياري جي حق جي ??اءِ جائز جدوجهد جي ??رعزم طريقي سان حمايت جاري رکندو، عالمي برادري فلسطين ۾ اسرائيل جي ظلمن کي فو??ي طور تي روڪڻ جي ??اءِ فيصلائتي ڪارروائي ڪري، غزه ۾ فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي ڪئي وڃي. فلسطيني عوام سان يڪجهتي جي عالمي ڏينهن ??ي موقعي تي وزيراعظم پنهنجي ??يغام ۾ چيو ته آئون فلسطيني عوام سان يڪجهتي جي عالمي ڏينهن ??ي موقعي تي فلسطين مسئلي ??ي منصفاڻي حل ۽ فلسطيني عوام جي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي ??اءِ پاڪستاني عوام ۽ حڪومت جي حمايت جو ورجاءُ ڪريان ٿو. وزيراعظم چيو ته 7 آڪٽوبر 2023ع کانپوءِ غزه ۽ اولهندي ڪناري ۾ اسرائيلي جارحيت سبب هي سال فلسطين جي تاريخ جو انتهائي ڪارو ترين س??ل رهيو آهي، تاريخ جا ڪڌا ترين ظلم ڪندي اسرائيل هيستائين 43000 معصوم فلسطيني مردن، عورتن ۽ ٻارن جو قتل عام ڪري چڪو آهي. وزيراعظم چيو ته فلسطيني عوام اسرائيل پاران حملن، منظم نسل ڪشيءَ ۽ تشدد ??ي مهم کي بهادري سان برداشت ڪري رهي آهي، فلسطين ۾ اسرائيلي جارحيت انساني حقن ۽ عالمي قانونن جي ??اضح خلاف ورزي آهي. هن چيو ته اسرائيل پاران عالمي انساني حقن جي ??انونن جي خلاف ورزين جي ڪري غزه ۾ عالمي برادري پاران انساني امداد جون ڪوششون به ب??ي طرح متاثر ٿيون آهن جنهن س??ن گهيري ۾ ور??ل آبادي ??ي مصيبتن ۾ شدت آئي آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان عالمي برادري کان پرزور مطالبو ڪري ٿو ته اها فلسطين ۾ اسرائيل جي ظلمن کي فو??ي طور تي روڪڻ جي ??اءِ فيصلائتي ڪارروائي ڪري. هن چيو ته شهرين، اسپتالن، اسڪولن ۽ انفراسٽرڪچر تي حملن کي روڪيو وڃي، فلسطينين جي ??اءِ موڪليا ويندڙ امدادي قافلن تي حملو ناقابل برداشت آهي، انهن سنگين جنگي ڏوهن ۽ انساني حقن جي بي رحم خلاف ورزين جي ??اءِ اسرائيل کي جوابده قرار ڏيڻ جي حوالي سان جيڪا ڇوٽ ڏني پئي وڃي، انهي بنياد تي اسرائيل غزه ۽ لبنان ۾ وڌيڪ تباهي ڦهلائي آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان غزه ۾ فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي جو مطالبو ڪري ٿو ۽ فلسطيني عوام جي ??اءِ بنا روڪ ٽوڪ انساني امداد کي يقيني بڻائڻ جي ??وري ضرورت تي زور ڏي ٿو. گڏيل قومن جي ريليف اينڊ ورڪس ايجنسي فار فلسطيني ريفيوجيز ان دي نيئر ايسٽ (انروا) کي فلسطيني پناهگيرن جي ??ڌندڙ ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي ??اءِ فنڊنگ ۽ تحفظ جي حوالي سان عالمي برادري پاران سهولت فراهم ڪرڻ گهرجي، اسان اسرائيل جي انروا جي اهم ڪم کي نقصان پهچائڻ جي ڪوششن جي شديد مذمت ڪريون ٿا. وزيراعظم چيو ته اسان آزادي ۽ خودمختياري جي حق جي ??اءِ فلسطيني عوام جي جائز جدوجهد جي ??رعزم طريقي سان حمايت جاري رکنداسين جنهن جو اظهار انصاف جي عالمي عدالت (آءِ سي جي) پڻ پنهنجي تازي مشاورتي راءِ ۾ ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۽ جنرل اسيمبلي جي ??اڳاپيل قراردادن موجب فلسطين مسئلي جو منصفاڻو ۽ پائيدار حل چاهي ٿو جنهن ۾ هڪ آزاد ۽ خودمختيار فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي جيڪا 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل هجي ۽ ان جي گادي وارو شهر القدس الشريف هوندو. وزيراعظم چيو ته آئون هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستاني عوام پاران فلسطيني عوام سان پنهن??ي مڪمل يڪجهتي جو ورجاءُ ڪريان ٿو، اسان امن، وقار ۽ خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي ??اءِ توهان جي جدوجهد ۾ توهان س??ن گڏ بيٺل رهنداسين.