اسلام آباد-05 ڊسمبر (اي پي پي)انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه سان انوويسٽا پرائيويٽ لم??ٽي?? (ٽي ٽي ڪم??ني) جي وفد جي سي اي او هشام سرور جي اڳواڻي ۾ سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. آءِ ٽي واري وزارت طرفان جاري بيان موجب ملاقات ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي کي هٿي وٺرائڻ ۽ نوجوا??ن کي آءِ ٽي جي مهارتن سان ڳنڍڻ بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفد مملڪتي وزير کي انوويسٽا ڪم??ني جي ورڪنگ ۽ مقصدن بابت بريف ڪيو. هن مملڪتي وزير شزه فاطمه کي آگاهه ڪيو ته انوويسٽا پرائيويٽ لم??ٽي?? اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جو هڪ قدم آهي جيڪو وڏي پئماني تي آءِ ٽي اسڪلز ڊولپمينٽ پروگرامن، ٽيڪنالاجي کي هٿي ڏيڻ، سيڙپڪاري جي سهولت ۽ انوويشن ذريعي قومي آءِ ٽي سيڪٽر ۾ پنهنجو حصو وجهي رهي آهي. وفد چيو ته انوويسٽا ملڪ جي نوجوا??ن کي آءِ ٽي جي مهارتن سان ڳنڍڻ ۽ انهن جي ترقي لاءِ ت??بي??ي پروگرام شروع ڪرڻ چاهي ٿو. مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه انوويسٽا جي آءِ ٽي جي ميدان ۾ ڪم ڪرڻ ۽ مستقبل جي منصوبن کي ساراهيو. هن چيو ته حڪومت ملڪ جي نوجوا??ن کي جديد ترين ڊجيٽل مهارت سان ڳنڍڻ لاءِ پرعزم آهي ته جيئن اهي بهتر روزگار حاصل ڪري سگهن. هن چيو ته اهو تمام ضروري آهي ته سموري ٽريننگ جي نتيجي ۾ ت??بي?? يافته ماڻهن کي مارڪيٽ ۾ آساني سان روزگار حاصل ڪرڻ جي قابل بڻائي سگهجي. هن چيو ته آءِ ٽي واري وزارت ملڪ جي نوجوا??ن کي آءِ ٽي جي مهارت سان ڳنڍڻ جي ڪوششن ۾ انوويسٽا کي مڪمل سپورٽ فراهم ڪندي.