اسلام آباد- 10 ڊسمبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ پي ٽي آءِ باني طرفان 9 مئ?? 2023ع تي پُرتشدد عوامي تحريڪ بابت واقعن جي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن بڻائڻ جي د??خو??ست مشروط طور تي قبول ڪري ورتي آهي. جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي 7 رڪني آئيني بينچ پرنسپل سيٽ تي د??خو??ست جي ٻُڌڻي ڪئي. ان کان اڳ سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس د??خو??ست تي اعتراض ڪيو آهي ته هي عام مفاد لاءِ ناهي ان ڪري عدالت د??خو??ست جي ميرٽ تي ڪارروائيءَ کان اڳ اعتراضن کي غلط ثابت ڪرڻ جي شرط سان د??خو??ست جي اجازت ڏئي ڇڏي. اٽارني جنرل فار پاڪستان منصور عثمان اعواڻ د??خو??ست منظور ڪرڻ جي مخالفت ڪندي چي?? ته ان وٽ د??خو??ست خلاف دليل آهن، پي ٽي آءِ باني جي وڪيل ايڊووڪيٽ حامد خان عدالت آڏو دليل ڏيندي چي?? ته گهٽ ۾ گهٽ 9 مئ?? 2023ع تي ڇا ٿيو ان جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جي سخت ضرورت آهي. عدالت ملڪ ۾ اڻ اعلانيل مارشل لا جي حوالي سان سندس ريمارڪس تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ د??خو??ستگذار کي چي?? ته جيڪڏهن اهڙو ڪو ثبوت آهي ته هو پنهنجي دعويٰ ثابت ڪري. جسٽس جمال خان مندوخيل ان کي هڪ واضح بيان قرار ڏنو ۽ د??خو??ستگذار کي چي?? ته جيڪڏهن ڪنهن اٿارٽي اهڙو حڪم جاري ڪيو آهي ته عدالت ۾ پيش ڪريو. جسٽس محمدعلي مظهر ريمارڪس ڏنا ته پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 245 تحت سول حڪومت فوج کي طلب ڪندي آهي، جيڪڏهن د??خو??ستگذار ان کي اڻ اعلانيل مارشل لا چوي ٿو ته ان کي چئلينج ڪري سگهي ٿو. جسٽس جمال خان مندوخيل جي ان سوال تي ته د??خو??ستگذار ان معاملي لاء?? هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڇو نه ڪيو؟ ايڊووڪيٽ حامد خان جواب ڏنو ته هي مسئلو سڄي ملڪ بابت آهي، نه ڪنهن خاص صوبي سان. جسٽس امين الدين خان ريمارڪس ڏنا ته رجسٽرار آفيس جا اعتراض ڏسڻ ۾ صحيح آهن پر عدالت د??خو??ستگذار کي د??خو??ست تي دليل ڏيڻ جي اجازت ڏي ٿي ته هو رجسٽرار آفيس طرفان اُٿاريل سوالن جا جواب ڏئي سگهي. عدالت تاريخ مقرر ڪرڻ لاءِ ڪارروائي ملتوي ڪري ڇڏي.