اسلام آباد- 10 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ انساني حقن جو ع??لم?? ڏينهن 10 ڊسمبر تي ملهايو ويو. اهو ڏينهن انساني حقن جي ع??لم?? پڌرائي (يو اين ا??چ آر) جي سالگره جي ??وقعي تي ملهايو ويندو آهي. ان تاريخي دستاويز ۾ نسل، رنگ، مذهب، جنس، ٻولي، سياسي يا ٻي راءِ، قومي يا سماجي حقيقت، ملڪيت، پيدائش يا ٻي حيثيت کي هڪ پاسي رکندي انهن حقن کي شامل ڪيو ويو آهي جن جو هر شخص، انسانيت طور حقدار آهي. هلندڙ سال انساني حقن جي ڏينهن 2024ع جو موضوع ”اسان جا حق، اسان جو مستقبل“ چونڊيو ويو آهي. انساني حقن جو ڏينهن 2024ع ٻارن، نوجوانن وچ ۾ انساني حقن، تعليم کي هٿي ڏيڻ ??ي ڌيان ڏئي ٿو جيڪو ننڍي عمر کان ئي برابري، انصاف ۽ وقار جي ??درن کي هٿي ڏيڻ ??ي اهميت کي اجاگر ڪري ٿو. ان ڏينهن جو اعلان 10 ڊسمبر 1948ع تي پيرس ۾ گڏيل ق??من جي جنرل اسيمبلي ڪيو هو ۽ ان ۾ پهريون ڀيرو بنيادي انساني حقن جو ع??لم?? طور تي تحفظ ڪيو ويو هو. انساني حقن جي ع??لم?? ڏينهن جي ??ناسبت سان سرڪاري ۽ غير سرڪاري ۽ نجي ادارن جي انتظام هيٺ تقريبون منعقد ڪيون ويون ۽ انساني حقن جي تحفظ جي حوالي سان قومي عزم جو ورجاءُ به ڪيو ويو.