اسلام آباد- 10 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي انس??ني حقن جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته پيغمبرِ اسلام حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم سڄي انسانيت ل??ءِ انس??ني حقن جو ابدي پيغام ڏنو آهي. دين اسلام انس??ني حقن جو علمبردار آهي، پاڪستان ۾ هر شهريءَ کي هڪجهڙا حق حاصل آهن. هن چيو ته بنيادي انس??ني حقن جي فراهمي مهذب معاشرن جي سُڃاڻپ آهي. گهرو وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته شهرين جي بنيادي انس??ني حقن جو تحفظ رياست جي اولين ذميواري آهي. پاڪستان ۾ سمورن اقليتن کي مذهبي آزادي حاصل آهي ۽ حڪومت انس??ني حقن جي تحفظ لاءِ پُرعزم آهي. اڄ اسان کي هر شهريءَ جي انس??ني حقن جي تحفظ جي عزم جو ورجاءُ ڪرڻو آهي.