اسلام آباد – 10 – ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان ڪيترن ئي قانونسازي، اداراجاتي ۽ پاليسي قدمن جي ذريعي انسان?? حقن جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ ۾ اهم اڳڀرائي ڪئي آهي ۽ هو عالمي انسان?? حقن جي فريم ورڪ تحت پنهنجي ذميوارين کي پورو ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن انسان?? حقن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته پاڪستان انسان?? حقن جي عالمي منشور (يو ڊي ايڇ آر) کي اختيار ڪرڻ جي 76هين سالگرهه جي موقعي تي اڄ انسان?? حقن جو عالمي ڏينهن ملهائڻ ۾ عالمي برادري سان شامل آهي. نائب وزيراعظم چيو ته هي ڏينهن عالمي برادري جي انساني وقار جي احترام ۽ ان کي برقرار رکڻ ۽ بنا ڪنهن فرق جي انسان?? حقن جي ايجنڊا کي فروغ ڏي?? جي گڏيل عزم جي علامت آهي. هن چيو ته انسان?? حقن جي ڏينهن جي لاءِ هن سال جو عنوان ”اسان جا حق، اسان جو مستقبل، هاڻي“ والاريل فلسطيني علائقن کان وٺي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير تائين سڄي دنيا جي لکين ماڻهن جي لاءِ لاڳاپيل آهي جيڪي خودمختياري ج?? حق لاءِ پنهنجي منصفاڻي جدوجهد جاري رکي آهي ۽ اهي قبضي ۽ انسان?? حقن جي سنگين خلاف ورزين جو شڪار آهن. هن چيو ته سڄي دن??ا ۾ اسلامو فوب??ا ۾ خطرناڪ حد تائين اضافو امتيازي قانونن، پاپولسٽ سياست ۽ زينو فوبڪ بيانيي جي ڪري ٿيو آهي جيڪو عالمي برادري جي لاءِ به هڪ چئ??ين?? آهي. هن چيو ته پاڪستان ڪيترن ئي قانونسازي، اداراجاتي ۽ پاليسي قدمن جي ذريعي انسان?? حقن جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ ۾ اهم اڳڀرائي ڪئي آهي ۽ هو عالمي انسان?? حقن جي فريم ورڪ تحت پنهنجي ذميوارين کي پورو ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سرپرستي ۾ انسان?? حقن جي طريقيڪار سان تعميري طور تي مصروف عمل آهي. هن چيو ته ان ڏينهن پاڪستان نسل، مذهب، جنس يا قوميت کان هٽي ڪري سمورن ماڻهن جي بنياد?? حقن ۽ آزادين کي يقيني بڻائڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو.