اسلا?? آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان بنگلاديش سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو جيڪي گڏيل تاريخ، عقيدي ۽ ثقافت تي ٻڌل آهن، پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ موجوده خيرسگالي جي لاڳاپن کي ٺوس تعاون ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيرا??ظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب پاڪستان ۾ بنگلاديش جي عهدو ڇڏيندڙ هاءِ ڪمشن?? محمد روح العالم صديق وزيرا??ظم محمد شهباز شريف سان الوداعي ملاقات ڪئي. بنگلاديشي هاءِ ڪمشنر پاڪستان ۾ پنهنجو چار سالن جو مدو پورو ڪري رهيو آهي. وزيرا??ظم پاڪستان ۽ بنگلاديش لاڳاپن جي فروغ جي لاءِ هاءِ ڪمشنر جي شاندار خدمتن کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان بنگلاديش سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو جيڪي گڏيل تاريخ، عقيدي ۽ ثقافت تي ٻڌل آه??. ب??گلاديش جي چيف ايڊوائيزر ڊاڪٽ?? محمد يونس جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي وزيرا??ظم چيو ته پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ موجوده خيرسگالي جي لاڳاپن کي ٺوس تعاون ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن سندس جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. بنگلاديش جي هاءِ ڪمشنر پاڪستان ۾ قيام دوران کيس فراهم ڪئي ويندڙ سهولتن ۽ تعاون تي وزيرا??ظم جا ٿورا مڃيا.