اسلام آباد – 27 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه، اڳوڻي وزيراعظم ش??يد محترمه بينظير ڀٽو کي ملڪ ۽ قوم جي بي مثال خدمتن تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ش??يد بينظير ڀٽو مل??، قوم ۽ جمهوريت جي استحڪام لاءِ پنهنجي جان جي قرباني پيش ڪئي، 27 ڊسمبر 2007ع ملڪي تاريخ ۾ هميشه هڪ المناڪ ڏينهن طور ياد رکيو ويندو. سيد مير غلام مصطفيٰ شاهه بينظير ڀٽو ش??يد جي 17 هين ورسي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ش??يد بينظير ڀٽو کي اسلامي دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم ۽ پاڪستان جي مخالف ڌر جي پهرين عورت اڳواڻ چونڊجڻ جو اعزاز حاصل آهي، هن ملڪ ۾ جمهوريت جي بحالي ۽ استحڪام ۽ آئين جي بالادستي لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪئي. هن چيو ته ش??يد بينظير ڀٽو جرئتمندي سان غير جمهوري قوتن کي منهن ڏنو ۽ قيد جون ڏکيائيون برداشت ڪيون، هن هارين، مزدورن ۽ پٺ ت?? پيل طبقن جي ڀلائي لاءِ هر فورم تي آواز اٿاريو، ش??يد محترمه جي شهادت سان ملڪ جي سياست ۾ پيدا ٿيل خال ڪڏهن به ڀرجي نه سگهندو. ڊپٽي اسپيڪر چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرادري جي قيادت ۾ پارٽي محترمه بينظير ڀٽو جي مشن تي هلي رهي آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن اسان سڀ گڏجي ملڪ کي در??يش چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين. هن چيو ته ش??يد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ش??يد محترمه بينظير ڀٽو جي نظريي تي عمل ڪري ملڪ کي در??يش مسئلن مان ڪڍي سگهجي ٿو.