اسلام آباد- 11 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ڪالهه اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحه ملاقات ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جي بيان موجب نائب وزيراعظم او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل ج?? پاڪستان ۾ آجيان ڪندي مسلم ڪميونٽيز ۾ نياڻين جي تعليم، چئلينجز ۽ موقعن جي موضوع تي عالمي ڪانفرنس ۾ او آءِ سي طرفان اعليٰ سطح جي شرڪت کي ساراهيو. ان موقعي تي غزه ۽ وچ اوڀر جي صورتحا??، ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير، افغانستان، اسلامو فوبيا، سڄي دنيا ۾ مسلمانن خلاف اڻبرابري واري سلوڪ، تشدد ۽ ان سلسلي ۾ او آءِ سي جي ڪردار تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. محمد اسحاق ڊار او آءِ سي جي اص??لي موقف ۽ ڪشميرين جي خودمختياري واري حق جي منصفاڻي جدوجهد جي پختي حمايت کي به ساراهيو ۽ اسلامو فوبيا تي او آءِ سي جي ??اص نمائندي جي مقرري جي به واکاڻ ڪئي.