اسلام آباد-02 جنوري (اي پي پي) ??وم?? اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق آذربائيجان جي سفارتخاني جو دورو ڪيو ۽ آذربائيجان جي مسافر جهاز جي حادثي ۾ ٿيل جاني نقصان تي تعزيت جو اظهار ڪيو. آذربائيجان جي سفير خضر فرهادوف ??وم?? اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي آجيان ڪئي. ??وم?? اسيمبلي جي اسپيڪر جهاز حادثي ۾ قيمتي انساني حياتين جي نقصان ??ي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. اسپيڪر سردار اياز صادق ??يو ته ڏک جي هن مشڪل گهڙي ۾ پاڪستان جي پارليامينٽ ۽ عوام آذربائيجان جي پارليامينٽ ۽ عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪن ٿا، آذربائيجان ۽ پاڪستان جو عوام هڪٻئي سان محبت، اخوت ۽ ڀائيچاري جي رشتن ۾ جڙيل آهن، پاڪستان ۽ آذربائيجان هڪ ٻئي جي ڏک سک جا ساٿي آهن. ??وم?? اسيمبلي جي اسپيڪر حادثي ۾ فوت ٿيل ماڻهن جي درجن جي بلندي ۽ پوئينرن لاءِ صبر جي دعا ڪئي. اسپيڪر سفارتخاني ۾ رکيل تعزيتي ڪتاب ۾ پنهنجا تعزيتي تاثر قلمبند ڪيا.