اسلام آباد – 10 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته ??زاد ڪشمير ۾ قتلام جي راند آزاد ڪشمير جي وزيراعظم جي نگراني ۽ هدايت تي کيڏي پئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پمز اسپتال ۾ علاج هيٺ مسلم ليگ (ن) آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي اڳواڻ ۽ اميدوار ق??نونساز اسيمبلي چوڌري محمد عزيز جي عيادت ک??نپ??ءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم جو سياسي معاملن وارو خصوصي معاون ڊاڪٽر آصف ڪرماڻي ۽ وڏي انگ ۾ مسلم ليگ (ن) آزاد ڪشمير جا ڪارڪن پڻ ساڻس گڏ هئا. اطلاعات واري وزير چيو ته گذريل ٻن ڏينهن کان سري نگر ۽ والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج هٿين خالي شهرين تي گوليون هلائي رهي آهي ۽ انساني حقن جي سخت خلاف ورزي ڪئي پئي وڃي، پاڪستان انهن واق??ن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو ۽ عالمي سطح تي انهن واقعن کي کڻندو. انساني حقن جون تنظيمون انهن واق??ن جو نوٽيس وٺن ۽ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ظالم کي ظلم کان روڪين. هن چيو ته ??نهن واقعن ۾ اٽڪل 20 ڪشميري حريت شهيد جڏهن ته 300 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن، گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشميرين کي خودمختياري جو حق ڏنو وڃي ۽ عالمي برادري کي گهرجي ته هو انهن واق??ن جو فوري نوٽيس وٺي. وفاقي وزير چيو ته ??زاد ڪشمير ۾ قتلام جي راند آزاد ڪشمير جي وزيراعظم جي نگراني ۽ هدايت تي کيڏي پئي وڃي.