اسلام آباد – 11 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ?? نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته فنڪار ۽ گلوڪار پاڪستان جو حقيقي چهرو آهن، گلگت بلتستان جو خطو تاريخي لحاظ کان اهميت رکندڙ خطو آهي جيڪو سي پيڪ جي ڪاميابي ۾ پڻ ??هم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، گلگت بلتستان جي بهادر ۽ ارڏي عوام سدائين پاڪستان جي دفاع ۾ ??هم ڪردار ادا ڪيو آهي، جن نه رڳو ڊوگر کي ڀڄايو هو پر ان علائقي ۾ پاڪستان جو جهنڊو ??ڙڪ??يو، جشن ساز ۽ سامان ۾ هن خطي جي هڪ منفرد روحاني ڪردار علامه نصيرالدين نصير هنزالي کان روشناس ٿيڻ جو پڻ شرڪت ڪندڙن کي موقعو مليو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽس ۾ قراقرم جي صوفي موسيقي جا ??نگ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.