اسلام آباد – 12 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ??ارف علوي چيو آهي ته خوراڪ جو تحفظ قومي سلامتي سان ڳنڍيل آهي، زرعي شعبي ۾ جديد تحقيق، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت جي استعمال سان في ا??ڪڙ پيداوار ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو، پيداواري لاڳت وڌڻ سان زرعي شعبو متاثر ٿيو آهي، زرعي تحقيق کي آبادگارن تائين پهچائڻ کانسواءِ حقيقي ثمر حاصل ڪرڻ ممڪن نه هوندو. اسان جي زرعي پيداوار ڇو گهٽ ٿي، اسان کي ا?? حوالي سان ماضي جي غلطين مان سبق حاصل ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي ا??تمام هيٺ زراعت تي قومي ڳالهه ٻولهه جي ا??تتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.