اسلام آباد – 04 مئي (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان چيو آهي ته ڪجهه شر??ن سان لاڪ ڊائون کي آهستي آهستي کوليو ويندو ڇو ته اسان کي پنهنجي عوام ??ي ڪورونا کان به بچائڻو آهي ۽ بيروزگاري ۽ بک وگ??ي مرڻ کان به بچائڻو آهي، هن مشڪل وقت ۾ رضاڪار ٽائيگر فورس جو ڪردار اهم حيثيت رکي ٿو، اها فورس ايس او پيز تي عملدرآمد ڪرائڻ، عوام ۾ آگاهي ۽ شعور پيدا ڪرڻ ۽ حڪومتي پاليسين کي لاڳو ڪرڻ ۾ ضلعي انتظاميا جي مدد ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪورونا رليف ٽائيگر فورس جي رضاڪارن کي خطاب ڪندي ڪيو.