اسلام آباد – 04 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ايٿوپيا جي وزيراعظم ابي احمد ع??ي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، ان موقعي تي وزيراعظم 2019ع جو امن جو نوبل انعام ??اص?? ڪرڻ تي ايٿوپيا جي وزيراعظم کي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم انگيج آفريقا پاليسي جي ڏس ۾ ايٿوپيا سان ويجهن ٻطرفن لاڳاپن جي ضرورت تي زور ڏنو. عمران خان پاڪستان پاران ايٿوپيا جي عوام ۽ حڪومت سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي ڪوويڊ 19 جي ڦهلاءُ جي روڪٿام جي لاءِ ??ند?? موثر قدمن کي ساراهيو.