اسلام آباد – 31 جولاءِ (اي پ?? پي) وزيراعظم عمران خان ??يو آه?? ته ڪاروباري ب??ادري تعميراتي شعبي ?? سيڙپڪاري ڪري، حڪومت هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هائوسنگ، ڪنسٽرڪشن اينڊ ڊولپمينٽ بابت نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي هفتيوار اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ايسوسيئيشن آف بلڊرز اينڊ ڊولپرز آف پاڪستان (آباد) جي 13 نمائندن وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ تعميراتي شعبي ۾ حڪومت پاران ??ني ويندڙ مراعتن ۽ ان جي نتيجي ۾ شروع ٿيندڙ سرگرمين جي اڳڀرائي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ شريڪ ايسوسيئيشن آف بلڊرز اينڊ ڊولپرز آف پاڪستان (آباد) جي نمائندن پاران تعميرات جي شعبي ۾ حڪومت پاران تاريخي مراعتون ۽ آسانيون فراهم ڪرڻ تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو، آباد جي نمائندن ڳالهائيندي چيو ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو نجي ب??نڪن پاران تعميراتي سرگرمين جي لاءِ بلڊرز اينڊ ڊولپرز جي حوصلا افزائي ڪئي پئي وڃي، جنهن جو ڪريڊٽ بنا ڪنهن شڪ جي موجوده حڪومت ۽ اسٽيٽ بئنڪ ڏانهن وڃي ٿو. اين او سي ۽ اجازت نامن جي عمل کي آسان بڻائڻ سان تعميراتي شعبي سان واڳيل ڪاروباري ب??ادري جي حوصلا افزائي ٿي آهي.