لاهور – 07 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چي?? آهي ته هڪ جهڙي تعليمي نصاب سان ئي معاشري ۾ امتيازي سلوڪ ختم ڪري سگهجي ٿو، تعليم جي ذريعي ئي اصل تر??ي ممڪن آهي، اس??ول?? ۾ سهولتون ڏنيون وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنجاب صوبي جي تعليمي نظام ۾ سڌارن جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وفاقي وزير شفقت محمود، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير حماد ??ظهر، گهرو صلاحڪار مرزا شهزاد ??ڪبر، پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، تعليم واري صوبائي وزير مراد ??اس، ناڻي واري صوبائي وزير مخدوم هاشم جوان بخت، اطلاعات واري صوبائي وزير فياض الحسن چوهاڻ، پنجاب جي چي?? سيڪريٽري ۽ سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. تعليم واري صوبائي وزير مراد ??اس اجلاس کي پنجاب صوبي جي تعليمي نظام ۾ سڌارن ۽ نئين منصوبن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. وزيراعظم ڳالهائيندي چي?? ته تعليم جي ذريعيئي تر??ي ممڪن آهي. وزيراعظم پنجابصوبي پاران استادن جي ٽرينگ، هڪ جهڙي تعليمي نظام جي لاءِ قدمن ۽ لاڳاپيل قانوني سڌارن کي ساراهيو. وزيراعظم اس??ول?? ۾ سهولتون ڏيڻ جي خاص تاڪيد ڪئي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هڪ جهڙي تعليمي نظام سان ئي معاشري ۾ امتيازي سلوڪ کي ختم ڪري سگهجي ٿو.