اسلام آباد – 30 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 747 مريضن جا ??يس?? مثبت آيا ۽ 5 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿي ويا، گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 32 هزار 31 ??يس?? ڪيا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 10 هزار 881، پنجاب ۾ 11 هزار 239، خيبرپختونخوا ۾ 3 هزار 888، اسلام آباد ۾ 3 هزار 442، بلوچستان ۾ هڪ هزار 617، گلگت بلتستان ۾ 533، آزاد ڪشمير ۾ 431 ??يس?? شامل آهن. هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 2 لک 96 هزار 881 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوو?? 19 ??و ڪو به مريض هن وقت وينٽيلٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 912 وينٽيليٽرز تي ڪوو?? 19 ??ا 93 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ -19 جي ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 8 هزار 903 ??هي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو تعداد 3 لک 12 هزار 263 آهي، جنهن ما?? آزاد ڪشمير ۾ 2 هزار 698، بلوچستان ۾ 15 هزار 257، گلگت بلتستان ۾ 3 هزار 778، اسلام آباد ۾ 16 هزار 581، خيبرپختونخوا ۾ 37 هزار 776، پنجاب ۾ 99 هزار 378 ۽ سنڌ ۾ هڪ لک 36 هزار 795 مريض آهن، سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 سبب فوت ٿيندڙن جو تعداد 6 هزار 479 ??هي.