??سل??م آباد– 18 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنجگور، بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز تي دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪندي دهشتگردي جي خلاف قوم جي اڻٿڪ عزم کي ورجايو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر دهشتگردي جي خلاف قوم جي اڻٿڪ عزم کي ورجايو. هن دهشتگرد حملي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي 4 اهلڪ??رن جي شهادت تي گهري ڏک جو اظ??ار ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن جي خدمتن ۽ ملڪ جي لاءِ عظيم قرباني تي انهن کي خراج عقيدت ??يش ڪيو. صدر شهيد اهلڪ??رن جي بهادري تي انهن کي سلام ??يش ڪيو. صدر پنجگور دهشتگرد حملي جي شهيدن جي پونئيرن سان همدردي جو اظ??ار ڪيو. هن شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.