اسلام آباد – 23 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فر??وس عاشق اعواڻ 23 مارچ پاڪستان جي ڏهاڙي جي حوالي سان پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته 23 مارچ وچن ورجائڻ جو ڏينه?? آهي ۽ انهي ڏينهن اسان تحريڪ پاڪستان جي انهن سمورن قومي هيروز کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا جن خواب کي حقيقت جو روپ ڏيڻ جي لاءِ قرارداد پاڪستان منظور ڪئي. پاڪستان جي ڏهاڙي تي پنهنجي وڊيو پيغام ۾ خاص مددگار چيو ته اڄ جو ڏينهن انهن جي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو ڏينه?? آهي. ڪيترائي ڏهاڪا اڳ انهن جنهن جدوجهد جي شروعات ڪئي جنهن کانپوءِ پاڪستان وجود ۾ آيو، اڄ هندستان پنهنجي انتهاپسندي، مذهبي اختلافن ۽ هندوت??ا کي فروغ ڏئي 23 مارچ جي ڏينهن جي اهميت ۽ فوقيت کي اڃا وڌيڪ اجاگر ڪري ڇڏيو آهي.