اسلام آباد – 05 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات واري خاص معاون ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه چيو آهي ته حڪومت ايم 8 موٽروي تي تعميراتي ڪم پهرين ترجيح طور تي ڪندي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ سي پيڪ اٿارٽي جي چيئرمين چيو ته سينٽرل ڊولپمينٽ ورڪ??گ پارٽي اڳ ۾ ئي ايم 8 موٽروي جي 26 ارب جي لاڳت جي 146 ڪلوميٽر هوشاب آواران حصي جي منظوري ڏئي چڪي آهي. ايم 8 موٽروي سکر لاڙڪاڻي کي گوادر سا?? ڳنڍيندو جيڪو هن وقت ت??مير هيٺ آهي جڏهن ته گوادر ۽ هوشاب 193 ڪلوميٽر حصي جي تعمير جو افتتاح فيبروري 2016ع ۾ ڪيو ويو هو. اهو منصوبو سنڌ صوبي ۾ رتوديرو کان شروع ٿئي ٿو ۽ خضدار، آواران، هوشاب ?? تربت کان ٿيندو بلوچستان صوبي ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ سا??ونڊي شهر گوادر جي بلڪل اوڀر ۾ مڪران ڪوسٽل هاءِ وي ۾ شامل ٿي وڃي ٿو.