اسلام آباد – 15 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته عوام کي سستي ۽ پائيدار بجلي فراهم ڪرڻ اولين ترجيح آهي، ماضي ۾ قابل تجديد توانائي سان ماٽيلي ماءُ جو سلوڪ ڪيو ويو، مهانگي بجلي، لوڊشيڊنگ ۽ گردشي قرض تمام وڏا مسئلا آهن، توانائي شعبي جي گرفت ۾ پورو پا??ست??ن آهي، توانائي جي ??عبي جي مسئلن تي ماضي ۾ ڌيان نه ڏنو ويو، مهانگي بجلي جو مسئلو حل نه ٿيو ته تمام گهڻا مسئلا جنم وٺندا، وزيراعظم عم??ان خان جي هدايت تي حڪومت اقتدار سنڀاليندي ئي انرجي ??يڪٽر جي مسئلن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ جامع قدم شروع ڪيا، ان حوالي سان مختلف ٽاسڪ فورس قائم ڪيون ويون ۽ هڪ خودمختيار ڪميشن به جوڙيو ويو، رپورٽس جي ??وشني ۾ آءِ پي پيز سان مسئلي جي ??ل لاءِ اڳڀرائي ٿي ۽ گذريل ڏينهن بجلي جي ??عبي جي مسئلن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ايم او يوز تي صحيحون ڪيون ويون، گذريل دورن ۾ پاور پلانٽس ته لڳايا ويا پر بجلي جي ورڇ ۽ پهچ جي مسئلن تي ڌيان نه ڏنو ويو. آءِ پي پيز سان ايم او يو تي صحيح بجلي جي فراهمي طرف پهريون قدم آهي، مقامي سيڙپڪارن کي ايڪٽويٽي ڊالر بدران پا??ست??ني روپئي ۾ ڏني ويندي جڏهن ته غير ملڪي سيڙپڪارن جي لاءِ ڊالر ۾ ايڪٽويٽي جي ??هولت دستياب هوندي پر منافع جي ??رح ۾ گهٽتائي آندي ويندي، ڪيپسٽي پيمنٽس بدران صرف خريد ڪيل بجلي جي قيمت ادا ڪئي ويندي جنهن سان گردشي قرض جي مسئلي تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ساڻس وزيراعظم جو پاور بابت خاص مددگار شه??اد قاسم به موجود هو.