پشاور – 28 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان ??يو آهي ته صوبن طرفان اين ايف سي ايوارڊ ۾ ٽي سيڪڙو قبائلي ضلعن لاءِ مختص ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو پر هاڻي بدقسمتي ??ان ان واعدي تان ??ري ويا آهن جيڪا قبائلي ضلعن ??ان زيادتي آهي. ضلعي مهمند ۾ ناحقئي سرنگ ۽ شيخ زيد روڊ جي افتتاح جي موقعي تي ضلعي جي چڱن مڙسن کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ا??ان جي حڪومت جو نظريو مديني جي رياست آهي، جيتوڻيڪ يتمن، غريبن، بيواهن ۽ ڪمزورن جي بهتري مديني جي رياست جي طرز جي رياست جي اولين ذميداري هوندي آهي تنهن ڪري ان ذميداري جي تڪميل لاءِ سمورا دستياب وسيلا استعمال ۾ آڻڻ کي ترجيح ڏني پئ?? وڃي. هن چيو ته ا??ان جي سمورين پاليسين جو محور ڪمزور طبقن جي بحالي آهي تنهن هوندي به ان سان ??ڏوگڏ ا??ان جي نظريي جو هڪ نڪتو اهو به آهي ته خوشحالي جي سفر ۾ سمورن علائقن کي هڪجهڙي ترقي ڏيڻ گهرجي.