اسلام آباد – 04 آ??ٽو??ر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اڄ سومر ڏينهن 5 آ??ٽو??ر کان ڪويت جو دورو ڪندو ۽ ڪويت جي مرحوم امير شيخ صباح الاحمد الجابر الصباح جي لاڏاڻي تي ت??زيت ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ت??جمان پاران جاري پڌرائي موجب دوري دوران صدر ڪويت جي نئين امير شيخ نواف الاحمد الجابر الصباح سان ملاقات ڪندو ۽ پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران تعزيت ۽ د??ي همدردي جو پيغام پهچائيندو. ??رج??ان چيو ته پاڪستان ۽ ڪويت ??ي وچ ۾ ڪويت جي مرحوم امير جي قيادت ۾ ٻطرفن ويجهن لاڳاپن کي سگهه ملي ۽ ٻطرفو تعاون نئين بلندي تي پهتو. ڪويت جي مرحوم امير شيخ صباح الاحمد الجابر الصباح پاڪستان جو هڪ مخلص ۽ آزمايل دوست هو. هن ٻنهي ملڪن جي عوام کي ويجهو آڻڻ ۾ قابل قدر ڪردار ادا ڪيو. ٻطرفي ت??اون جي ڏس ۾ سندس ڪوششن ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام جي لاءِ سندس خدمتن کي دير تائين رکيو ويندو.